زنگيجو مراد فقير جي خيالي تصوير

زنگيجو مراد فقير جي خيالي تصوير

مراد فقير زنگيجو

مراد فقير زنگيجو : مراد فقير زنگيجو ڪنڊڙيءَ جي ناميارن ڪلاسيڪي شاعرن مان هڪ هو. سندس والد جو نالو محمد حيات زنگيجو هو، جو روحل فقير جو سوٽ هو.سندس وڏا ساهيوال مان لڏي اچي سنڌ ۾ عمر ڪوٽ طرف رهائش پذير ٿيا. ڪن روايتن موجب مراد فقير 1742/1743ع ۾ جنم ورتو. روحل فقير کان ڏهه سال ننڍو هو.مراد فقير جي ابتدائي تعليم چڱي ريت ٿي. هو هندي، فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي زبانن جو ماهر هو. ننڍپڻ کان ئي روحل فقير جي صحبت هيٺ رهيو. مراد فقير پنهنجي دؤر جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، هن نه فقط سنڌيءَ ۾ شعر چيو، پر فارسي، هندي ۽ سرائڪيءَ ۾ به سندس ڪلام موجود آهي. فارسي ۾ سندس هڪ ديوان شايع ٿيل آهي.جڏهن ته هندي ۾ سندس هڪ تصنيف پريم گيان‘ نالي سان پڻ ڇپيل آهي. سندس ڪلام تي شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. نامياري اديب ۽ محقق ’معمور يوسفاڻيءَ‘ سندس ۽ شاهه سائينءَ جي ڪلام جو تقابلي جائزو پنهنجي هڪ مقالي ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن کي اسد جمال پلي ’ڍوليو ڍٽ ڌڻي‘ ڪتاب ۾ ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي. مراد فقير جي ڪلام جو گهڻو حصو سنڌ جي قديم قصن ۽ ڪهاڻين تي مشتمل آهي.سندس ڪلام ۾ پختگي ۽ رواني آهي. جيڪا سندس ڪلام کي زنده بڻائي ٿي. ڪلاسيڪل شاعريءَ جي هن نامور شاعر 1796ع ڌاري ڪوٽلي ۾ بيماري سبب وفات ڪئي.


لفظ مراد فقير زنگيجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو